ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عدالت سنڌ جي شگر ڪين ڪمشنر کي 1999ع کان 2019ع تائين آبادگارن کي ڪوالٽي پريميم جي رقم ڏيارڻ جو حڪم ڏنو آهي. اهڙو حڪم سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ قائم ڊويزن بئنچ خميس تي جاري ڪيو. عدالت 18-2017ع جي سيزن ۾ آبادگارن کي ڪمند جون رهتون نه ڏيندڙن شگر ملز خلاف ٻن هفتن اندر ڪارروائي ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڀريا جي آبادگار مريد علي شاهه ۽ سنڌ آبادگار اتحاد جي نواب زبير ٽالپر پاران داخل ڪيل درخواست تي ڏنو. عدالت ٻڌڻي شروع ڪئي ته ڪين ڪمشنر ڪوالٽي پريميم بابت رپورٽ پيش ڪئي جنهن تي عدالت سنڌ جي سمورين شگر ملز مالڪن کي 1999ع کان 2019ع تائين ڪوالٽي پريميم جو تعين ڪري ان جي رقم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته جيڪڏهن شگر ملز ڪوالٽي پريميم جو تعين نه ڪن ته آبادگار ڪين ڪمشنر سان رابطو ڪن ۽ ڪين ڪمشنر ڪوالٽي پريميم جي سموري رقم جي ادائيگي کي يقيني بڻائي. ان موقعي تي ڪين ڪمشنر ٻڌايو ته ڪجهه شگر ملز 18-2017ع جون رهتون ادا ڪري ڇڏيون آهن ۽ سيري شگر ملز پاران رهتون ادا نه ڪرڻ تي ان خلاف حيدر آباد جي سول ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن تي آبادگارن ٻڌايو ته سيري شگر ملز خلاف ته ڪارروائي ڪئي وئي آهي پر ٻانڌي، سڪرنڊ، راڻيپور شگر ملز خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڪين ڪمشنر کان سبب پڇيا، جنهن تي ڪين ڪمشنر عدالت کي يقين ڏياريو ته آباگارن کي 18-2017ع جون رهتون ادا نه ڪندڙ ڄاڻايل شگر ملز کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن ان باوجود انهن آبادگارن کي رهتون ادا نه ڪيون ته سندن خلاف عدالتي حڪم موجب ٻن هفتن اندر ڪارروائي ڪئي ويندي.
