اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گادي واري شهر جي احتساب عدالت بحريه آئيڪون ٽاور ريفرنس ۾ ملڪ رياض سوڌو ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ريفرنس جون نقل ڪاپيز جوابدارن کي مهيا ڪيون ويون، عدالت ملڪ رياض سوڌو سمورن جوابدارن کي 21 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو آهي ۽ ان ڏينهن مٿن فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.
