آئيني ترميم، منظوري لاءِ ڪابينا ۽ پارليمان جا اجلاس طلب، پي ٽي آءِ مايوس

آئيني ترميم، منظوري لاءِ ڪابينا ۽ پارليمان جا اجلاس طلب، پي ٽي آءِ مايوس

اسلام آباد(رپورٽ ايازمهر) ڇنڇر تي وفاقي گادي واري شهر م غير معمولي سياسي سرگرميون عروج تي نظر آيون. حڪومت هجي يا سندس اتحادي ڌريون، اپوزيشن هجي يا سندن اتحاد سڀ حد کان وڌيڪ رات دير تائين سڀ سرگرم نظر آيا. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته حڪومت آئيني عدالت جي قيام ۽ ججن جي رٽائرمينٽ جي عمر وڌائڻ سميت عدالتي سڌارن بابت آئيني ترميمي پيڪيج تيار ڪري ورتو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن اها تصدي ته ڪئي پر وڌيڪ تفصيل شيئر نه ڪيا. سنڌيار کي اهم ذريعن ٻڌايو آهي ته آئيني پيڪيج ۾ آرٽيڪل 63 اي ۾ به ترميم جي تجويز آهي جيئن وفاداري مٽائڻ وارن ميمبرن کي تحفظ ڏئي سگهجي. ان ۾ وضاحتي جملا شامل ڪيا ويا آهن. ذريعن موجب چونڊ سڌارن جي نالي تي به هڪ ترميم شامل آهي جنهن جو مقصد اليڪشن ڪميشن کي عورتن ۽ اقليتن جي مخصوص سيٽن بابت خصوصي اختيار ڏنوويندو ۽ ان ڏس ۾ 12 جولاءِ واري سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪري معاملي کي ڪور اپ ڪيو ويندو. ذريعن موجب آئيني عدالت ۾ هر صوبي جا برابر جي بنياد تي جج هوندا ۽ سڀني آئيني معاملن جا فيصلا هي عدالت ڪندي، سپريم ڪورٽ جو دائرو ڪرمنل ۽ سول معاملن ۾ ڪيس ٻڌڻ جو هوندو ۽ سياسي معاملن بابت ڪيس نه بڌي سگهندي. ذريعن موجب اعليٰ عدالتن م ججن جي مقرري جو طريقو به تبديل ڪرن جو فيصلو ڪيو ويو آهي. عدالتي ۽ پارلياماني ڪميشنز کي گڏائي نئون فورم ٺاهيو ويندو، چيف جسٽس جو مدو 3 سال هوندو، چيف جسٽس جي مقرري لاءِ 3 يا 5 سينئر ججن جو پينل وزيراعظم کي موڪليو ويندو جنهن مان ڪنهن کي به چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جو اختيار وزيراعظم کي هوندو. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف آچر تي موڪل واري ڏينهن ڪابينا جو خصوصي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي جنهن ۾ آئيني ترميمي پيڪيج جي منظوري بعد پارليمان ۾ پيش ڪيو ويندو. آئيني ترميمي پيڪيج جنهن جا چئوٻول ڪيترن ڏينهن کان هلي رهيا آهن، ان جا تفصيل ڳجها رکيا پيا وڃن. اهو واضح طور محسوس ٿي رهيو آهي ته حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ڪجهه نقطن تي اختلاف راءِ موجود آهي ۽ ڌرين ۾ سخت بارگين پئي هلي. ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو پنهنجي پنهنجي پارٽين جي ميمبرن جي اعزاز م ڌار ڌار ڊنر ڏنو جنهن ۾ تجويز ڪيل آئيني ترميمي پيڪيج بابت اعتماد ۾ ورتو. ذريعن موجب وزيراعظم آئيني پيڪيج جا تفصيل شيئر نه ڪيا ۽ ٻنهي ايوانن جي ميمبرن کي آچر تي سڏايل اجلاسن ۾ موجود رهڻ جي تاڪيد ڪئي. ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات دير سان حڪومتي وفد اوچتو مولانا فضل الرحمان جي گهر پهتو ۽ کيس آئيني ترميمي پيڪيج جي حمايت لاءِ راضي ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت مولانا کي ڪي پي جي گورنري ڏيڻ، حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي صورت ۾ 2 وفاقي وزارتون ڏيڻ ۽ مستقبل ۾ ڪي پي جي وڏ وازارت ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي. مولانا ساڳئي وقت پي ٽي آءِ جي وفد کي به ملاقات جو وقت ڏنو هو ۽ جيئن ئي وفد پهتو ته مولانا جي حڪومتي وفد سان ملاقات جاري هئي، هنن ٻئي هال ۾ ويهي انتظار ڪرڻ بدران واپس وڃڻ ۽ بعد اچڻ جو فيصلو ڪيو. ساڍي ڏهين وڳي هو ٻيهر مولانا سان ملاقات لاءِ پهتا. ذريعن جو چوڻ آهي ته آئيني ترميمي پيڪيج جي مخالفت واري معاملي تي پي ٽي آءِ جو وفد مايوس نظر آيو. هڪ ميمبر چيو ته مولانا گول مول جواب ڏنو آهي. هڪ پاسي سياسي فرنٽ تي اهي سرگرميون عروج تي رهيون ته ٻئي پاسي سپريم ڪورٽ جي 8 ججن عورتن ۽ اقليتن جون سيٽون پي ٽي آءِ کي ڏيڻ بابت اليڪشن ڪميشن کي فوري عمل ڪرڻ ۽ مونجهارا پيدا نه ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي. جنهن جو مطلب سڀني سياسي جماعتن جون پارلياماني سيٽون گهٽجي وينديون ۽ پي ٽي آءِ جون وڌي وينديون. جنهن سان حڪومت جي آئيني ترميمي پيڪيج جي قانوني هجڻ بابت سوال پيدا ٿيندا. ڪجهه ماهرن جو چوڻ آهي ته ڇنڇر تي ٻن مهينن کان التوا ۾ پيل درخواستن سپريم ڪورٽ جي وضاحتي فيصلي حڪومت جي آئيني پيڪيج آڏو بند ٻڌي ڇڏيو آهي ۽ سياسي گيم پلٽي ڇڏي آهي. حڪومت جي دعوا آهي ته مولانا فضل الرحمان جي حمايت بعد بعد قومي اسمبلي ۾ حڪومت کي 336 ميمبرن جي ايوان ۾ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت لاءِ گهربل 224 ووٽن مان 2 ووٽ کٽن ٿا. اهڙي طرح سينيٽ ۾ به حڪومت کي 8 کان 10 ووٽ شاٽ آهن. حڪومت ان ڏس ۾ پي ٽي آءِ، اختر مينگل جي پارٽي جي سينيٽرن تي دٻاءُ وجهي ووٽ حاصل ڪرڻ جي خاطري ورتي آهي. اختر مينگل چيو آهي ته سندس 2 سينيٽرن جي گهرن تي ڇاپا هنيا ويا آهن. گوهر خان جو چوڻ آهي ته حڪومت ٻنهي ايوانن ۾ اسانجي ڪجهه ميمبرن کي لالڄ ۽ ڌمڪيون ڏنيون آهن، جنهن سبب کين خدشو آهي ته حڪومت گهربل ووٽن جو انتظام ڪري ورتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو