ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته ڪراچي جا صحافي جيڪي آءِ ٽي ڪورس ڪرڻ چاهين ٿا انهن کي مفت سهولت ڏني ويندي.پريس فريڊم جي عالمي ڏينهن تي جاري ڪيل پيغام ۾ ڪامران ٽيسوري چيو ته ڪراچي ۾ صحافين جي خاندان جو هر فرد جيڪڏهن مفت آءِ ٽي ڪورس ڪرڻ چاهي ٿو ته داخلا وٺي.هن چيو ته صحافت جي آزادي جمهوريت جي استحڪام جو اهم جز آهي، جمهوري قدرن جي واڌاري ۽ تسلسل ۾ صحافين جي ڪردار کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. سنڌ جي گورنر جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ صحافين جمهوري روايتن کي برقرار رکڻ لاءِ قربانيون ڏنيون آهن.ڪامران ٽيسوري چيو ته صحافت رياست جو چوٿون ستون ۽ عوام جو مضبوط آواز آهي.










