آءِ ايم ايف پروگرام، معاشي حالتن موجب ترتيب ڏينداسين

آءِ ايم ايف پروگرام، معاشي حالتن موجب ترتيب ڏينداسين

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نگران ناڻي واري وزير شمشاد اختر جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف پروگرامن کي معاشي حالتن مطابق ترتيب ڏيڻ جي ضرورت آهي.آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستاني وفد مراکش ۾ موجود آهي.نگران ناڻي واري وزير شمشاد اختر سان ملاقات دوران اهم ملاقاتون ٿينديون، شمشاد اختر مراکش جي واپار ۽ صنعت واري وزير سان به ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف جي امدادي پروگرام جي موضوع تي تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي. ناڻي واري وزير شمشاد اختر مراکش ۾ بل برينڊا گيٽس فائونڊيشن جي چيف ايگزيڪيوٽو سان ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب ملاقات دوران فائونڊيشن جي سهڪار سان سڌو سنئون ڊجيٽل پبلڪ انفراسٽرڪچر متعارف ڪرائڻ تي غور ڪيو ويو ۽ ناڻي واري وزارت ۽ بي ايم جي فائونڊيشن وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون.اعلان موجب، بي ايم جي فائونڊيشن نيشنل فنانشل انڪلوزيشن پروگرام ۾ ڊجيٽل پاڪستان اسٽيڪ کي سپورٽ ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو