آءِ ايم ايف مشن پاڪستان پهچي ويو،شمشاد اختر جي ملاقات

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جو جائزو وٺڻ وارو مشن پاڪستان پهچي ويو آهي ۽ 2 هفتا جاري رهندو.ذريعن موجب آءِ ايم ايف جو وفد ناڻي واري وزارت، توانائي ۽ ريگيوليٽري باڊيز سان ڳالهيون ڪندو.اسلام آباد ۾ نگران ناڻي واري وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر جي صدارت هيٺ آءِ ايم ايف وفد جو تعارفي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايف بي آر جي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.ذريعن موجب گورنر اسٽيٽ بئنڪ آءِ ايم ايف جي وفد سان ملاقات کانپوءِ روانو ٿي ويو.ذريعن موجب آءِ ايم ايف وفد چيو آهي ته پاڪستان کي سمورن هدفن تي سختي سان عمل ڪرڻو پوندو.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف وفد اقتصادي ٽيم جي قدمن کي ساراهيو.نگران ناڻي واري وزير چيو ته قرض پروگرام تحت سمورن هدفن تي عمل ڪيو پيو وڃي، سمورن هدفن تي عمل ڪيو ويندو جڏهن ته قرض پروگرام ۾ معاشي جائزي تائين آءِ ايم ايف جي سمورين شرطن تي عمل ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جو وفد اسٽيٽ بئنڪ، فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ صوبائي حڪومتن سان ڳالهيون ڪندو. پرڏيهي فنانسنگ جي معاملي تي پاڪستان کي موقف واضح ڪرڻو پوندو، جڏهن ته آءِ ايم ايف پرڏيهي فنانسنگ جي معاملي تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ ڪرنسي مٽاسٽا واري معاملي تي به اختلاف آهن.آءِ ايم ايف درآمدات کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڊسمبر 2022 جي سرڪيولر ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.توانائي جي شعبي جي گردشي قرضن کي گهٽائڻ لاءِ پاڪستان بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو آهي ۽ پاڪستان جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا به آءِ ايم ايف جي مطالبي مطابق آهن ۽ پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو به حالتن مطابق آهي.اسٽيٽ بئنڪ تي حڪومت جو قرض لڳ ڀڳ 41 ارب رپيا آهي جيڪو هدف مطابق آهي، ايف بي آر آڪٽوبر تائين ٽيڪس وصولي لاءِ مقرر هدف کان 66 ارب رپيا وڌيڪ گڏ ڪري ورتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو