گيس جي قيمت ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ جو امڪان

گيس جي قيمت ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ جو امڪان

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) نگران حڪومت گيس جي شعبي جا نقصان عوام تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي جنهن کان پوءِ ايندڙ هفتي گيس جي قيمت ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي.رپورٽ موجب نگران حڪومت گيس جي شعبي جا نقصان عوام تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. گيس سيڪٽر جو ساليانو نقصان 350 روپيه آهي جڏهن ته گڏيل گردشي قرض 2700 ارب روپين تائين پهچي چڪو آهي.ذريعن موجب نقصانن جي منتقلي کان پوءِ گيس جي قيمت ۾ واڌ ٿي وئي آهي. سوئي ناردرن جي ٽيرف ۾ 415 روپيه في ايم ايم بي ٽي يو ۽ سوئي سدرن جي لاءِ 417 روپيه في ايم ايم بي ٽي يو اضافو ٿيندو. گيس جي قيمتن ۾ واڌ بابت اوگرا اڳ ئي منظوري ڏئي چڪي آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته اوگرا(آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي) حتمي منظوري ۽ قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو وفاقي حڪومت ڏانهن اماڻيو هو. ايل اين جي ۽ قدرتي گيس جي درآمد ٽيرف جي فرق کي به ختم ڪيو ويندو. آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدي موجب گيس جي قيمتن ۾ واڌ پهرين جولاءِ کان ٿيڻي هئي. توانائي واري وزارت قيمتن ۾ واڌ بابت باضابطه طور تي نوٽيفڪيشن جاري ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو