پشاور: (ويب ڊيسڪ) اي اين پي جي ترجمان انجنيئر احسان الله خان چيو آهي ته گورنر شپ بابت اسان جي پارٽي سان ڪنهن به رابطو نه ڪيو آهي.هن چيو ته جيڪڏهن رابطو ٿيو ته پارٽي اندر صلاح مشوري کان پوءِ فيصلو ڪيو ويندو، صوبائي حڪومت کان ڪا رٽ ناهي، خيبرپختونخواهه ۾ موجوده حڪومت ڊليور ڪرڻ جي قابل ناهي.انجنيئر احسان الله خان وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ احتجاج ڪرڻ چاهي ٿي ته ان کي حڪومت ڇڏڻ گهرجي، عوامي نيشنل پارٽي جمهوري ادارن جي تسلسل تي يقين رکي ٿي.ياد رهي ته خيبرپختونخواهه ۾ گورنر راڄ جي تجويز تي غور ڪرڻ کان پوءِ، اي اين پي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وڏي وزير ڪي پي امير حيدر خان هوتي جو نالو به گورنر شپ لاءِ ممڪن نالن ۾ شامل آهي.










