اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) وفاقي گهرو کاتي جي وزير محسن نقوي صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي اڳواڻن واپس سنگجاڻي وڃڻ جو واعدو ڪري ڌوڪي سان رستو کولرايو ۽ قافلي کي اسلام آباد داخل ڪيو. سيڪورٽي ادارا چند منٽن ۾ فائرنگ ڪري ميدان خالي ڪرائي سگهن ٿا پر اسين هنن کي لاش نٿا ڏيڻ چاهيون. هن چيو ته پي ٽي آءِ وارن وٽ جديد هٿيار آهن، جن سان سيڪورٽي اهلڪارن تي فائرنگ ڪن ٿا، هنن وٽ ڪي پي حڪومت جون ڏنل شيلنگ گنز آهن، پوليس کان وڌيڪ شيلنگ پي ٽي آءِ وارا ڪري رهيا آهن، هنن سان تربيت يافتا دهشتگرد جٿو گڏ آهي، سندن ٽرڪ تي وڏا وڏا پکا لڳل آهن جن جي هلڻ سان ڳوڙها گيس جو دونهون پوليس طرف اڇلائين ٿا. هن چيو ته پوليس کي فري هينڊ ڏنو آهي ته هو صورتحال تي هر حال ۾ ڪنٽرول ڪري، جيڪو به جاني نقصان ٿيو ان جي ذميواري پي ٽي آءِ جي قيادت تي هوندي. پوليس ۽ سيڪورٽي فورسز گهڻو صبر ڪيو آهي پر برداشت جي به حد هوندي آهي. پي ٽي آءِ جو قافلو جيڪو ٻن ٽن گروپن ۾ ورهايل هو، اهو مختلف روٽس کان ٿيندو هاڻي زيرو پوائنٽ تي گڏيو آهي. گهرو وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 6 اهلڪار شهيد ٿيا آهن جن ۾ 4 رينجرز جا جوان ۽ 2 پوليس اهلڪار شامل آهن. هن چيو ته 100 کان مٿي اهلڪار زخمي آهن.










