گهٽ پگهارن تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي سفارش واپس

گهٽ پگهارن تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي سفارش واپس

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عالمي بئنڪ 50 هزار رپين کان گهٽ آمدني وارن تي ٽيڪس لڳائڻ جي سفارش واپس وٺي ڇڏي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب پٺتي پيل تنخواه رکندڙ طبقي 3 مهينن ۾ گڏيل طور تي امير ترين برآمد ڪندڙن يعني ريئل اسٽيٽ سيڪٽر کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪيو.ورلڊ بينڪ جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڇنڇر ڏينهن ورلڊ بينڪ 50 هزار رپيا ماهوار کان گهٽ آمدني تي ٽيڪس لڳائڻ جي انتهائي تڪراري تجويز تي پنهنجو موقف واضح ڪيو.ورلڊ بينڪ جي ترجمان چيو ته ان جي سفارش 2019 جي ڊيٽا تي ٻڌل هئي، جيڪا تازي افراط زر ۽ مزدور مارڪيٽ جي حالتن جي روشني ۾ تازه ڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي.ورلڊ بئنڪ يقيني طور تي موجوده نامناسب حد ۾ ڪنهن به گهٽتائي جي سفارش نٿو ڪري.ورلڊ بينڪ جي ترجمان چيو ته اسان ڪنهن به مخصوص نئين سطح جي آمدني ٽيڪس معافي اسان سفارش نه ڪري رهيا آهيون ورلڊ بئنڪ ان سطح جو جائزو وٺڻ لاءِ نئين سروي جي سفارش ڪئي آهي ۽ نئين سروي جي ڊيٽا جي بنياد تي ٽيڪس جي حدن ۾ مناسب تبديلين جو اندازو لڳايو وڃي.ورلڊ بئنڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته گهٽ آمدني جي حفاظت لاءِ مناسب تبديليون ڪيون پيون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو