اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي شمس ڪالوني پوليس اسٽيشن جي حد ۾ هڪ گهر ۾ گئس ليڪيج سبب ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ پنج ماڻهو زخمي ٿيا.ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي سبب گهر جي ڀت ڪري پئي، جنهن ۾ هڪ مرد، ٻه عورتون ۽ ٻه ٻار زخمي ٿيا جيڪي ملبي هيٺان دٻجي ويا.ريسڪيو عملدارن موجب، سڀني زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ۽ واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.










