گم ڇوڪري ۽ ٻين جي بازيابي لاءِ ڪارروائي جاري رکو، حڪم

گم ڇوڪري ۽ ٻين جي بازيابي لاءِ ڪارروائي جاري رکو، حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 17 ورهين جي نينگري سميت 10 کان وڌيڪ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.ڪيترن ئي گم ٿيلن جا وارث عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيا.عدالت جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس گهرائڻ جو حڪم ڏيندي ڇوڪري سميت ٻين شهرين جي بازيابي لاءِ ڪارروائي جاري رکڻ جو حڪم ڏنو.عدالت درخواستن جي وڌيڪ ٻڌڻي 4 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو