گم ٿيلن جي بازيابي لاءِ ٽاسڪ فورس اجلاس سڏائڻ جو حڪم

گم ٿيلن جي بازيابي لاءِ ٽاسڪ فورس اجلاس سڏائڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم ڪارڪنن ۽ ٻين گم ٿيل شهرين جي بازيابي لاءِ جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس گهرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته شهري قاضي اعجازالدين سرجاني ٽائون مان گم آهي، سندس زال ٻڌايو ته سندس مڙس به ايم ڪيو ايم جو ميمبر هو.جاچ آفيسر جو وڌيڪ چوڻ هو ته معلوم ٿيو آهي ته هو اسٽيٽ ايجنسي جو به ڪم ڪري رهيو هو، شهري جي دوستن کان اهو به معلوم ٿيو آهي ته هن گهڻو قرض ورتو هو، جنهن سبب هو پاڻ به گم ٿي ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته بلال ڪالوني ٿاڻي ۾ شهري جي گمشدگي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.عدالت گم ٿيل شهرين جي بازيابي لاءِ جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس گهرائڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 4 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو