گم ٿيل ڀائرن جي ڪيس ۾ ادارن جي بيوسي افسوسناڪ قرار

گم ٿيل ڀائرن جي ڪيس ۾ ادارن جي بيوسي افسوسناڪ قرار

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گم ٿي ويل ڀائرن جي ڪيس ۾ حڪومتي ادارن جي بيوسي کي افسوسناڪ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اظهر مشواني جي 2 گم ٿيل ڀائرن جي بازيابي ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ چيو ويو ته 6 جون کان گم ٿيل اظهر مشواني جي ڀائرن جي ڪابه خبر نه پئجي سگهي آهي. عدالت حڪومتي ادارن جي بيوسي کي افسوسناڪ قرار ڏئي ڇڏيو آهي.جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب هڪ صفحي تي ٻڌل لکت ۾ حڪم جاري ڪيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته اميد آهي ته اٽارني جنرل انهي معاملي تي وزيراعظم سان ملندو، حڪومت جي طرفان عدالت جي سامهون ڪمزور جواب ڏنو ويو.حڪم نامي ۾ وڌيڪ لکيو ويو آهي ته عدالت کي اميد نه رهي آهي، هن ملڪ جو چيف ايگزيڪٽو هن ڪيس جي طرف ڌيان ڏيندو. ڌرين جي طرفان هن معاملي ۾ بي حسي افسوسناڪ آهي، درخواستگذار وڪيل جا جزوي دلائل ٿي چڪا آهن، ايندڙ ٻڌڻي تي موجود بينچ جي سامهون ڪيس مقرر ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو