لاهور(ويب ڊيسڪ) گلوڪاره صنم ماروي الزام هنيو آهي ته سندس اڳوڻي مڙس مٿس تشدد ڪيو ۽ کيس اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.گلوڪاره اسلام پور ٿاڻي تي اڳوڻي مڙس حامد علي بهلول ۽ سندس ساٿين خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته اڳوڻي مڙس مون تي تشدد ڪيو ۽ اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. صنم ماري جو ڪيس اسلام پور ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي.










