شهدادپور (ن س )شهدادپور جي سنگھر شاخ ۾ گرمي جي شدت کان بچڻ لاءِ وهنجندي ڳوٺ محمد ٻرڙو واسي 47سالا امداد علي ولد سڄڻ ٻرڙو ٻڏي فوت ٿي ويو جنهن جو لاش ٽوٻن پاران ڪڍڻ بعد شهدادپور سمس اسپتال منتقل ڪيو ويو هوڏانهن قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو کيس سوين آلين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو










