ڪڪڙ: (ن س ) ڪڪڙ ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي جنهن دوران پيءُ ملڪيت جي معاملي تان نوجوان پٽ کي بندوق جو فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو.ڪڪڙ ٿاڻي جي حد ڳوٺ چوڪنڊي ۾ پيءُ ملڪيت جي معاملي تان پيءُ پيارل چنو پنهنجي 24 ورهين جي نوجوان پُٽ ضمير علي چنو کي بندوق جو فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو.واقعي جي اطلاع ملڻ تي ڪڪڙ پوليس فوري طور واقعي واري هنڌ پهتي ۽ فوتي نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ تعلقا اسپتال منتقل ڪيو ، جڏهن ته پوليس جوابدار پيارل چنو کي گرفتار ڪري واردات ۾ استعمال ٿيل هٿيار پڻ هٿ ڪري ورتو آهي.رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڪڪڙ شاهنواز اوٺو ٻڌايو ته چوکنڊي ۾ ملڪيت خاطر پيءُ پٽَ کي قتل ڪيو آهي ، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا هوڏانهن پيءُ هٿان پُٽ جي قتل واري واقعي سبب ڪڪڙ ۽ ڀرپاسي ۾ ڏک ۽ حيرت جو ماحول ڇائنجي ويو.










