ڪپڙن جي پيڪنگنگ لاءِ درآمد خام مال تي ڊيوٽي خلاف اپيلون رد

ڪپڙن جي پيڪنگنگ لاءِ درآمد خام مال تي ڊيوٽي خلاف اپيلون رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ گارمينٽس پيڪنگنگ لاءِ درآمد ٿيندڙ خام مال تي ريگيوليٽري ڊيوٽي خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي.جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس عقيل عباسي تي ٻڌل بينچ ٻڌڻي ڪئي.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته خام مال جي پيڪنگنگ تي ريگيوليٽري ڊيوٽي اڻ برابري آهي.جسٽس منصور علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت ريگيوليٽري ڊيوٽي لڳائي سگهي ٿي، ڊيوٽي لڳائڻ وفاق جو پاليسي معاملو آهي، ريگيوليٽري ڊيوٽي ڪنهن کي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو وفاقي حڪومت کي ڪرڻو آهي.جسٽس عائشه ملڪ چيو ته اسان جو ڪم مالياتي پاليسي ڏسڻ ناهي.جسٽس عقيل عباسي چيو ته هاءِ ڪورٽون به توهان جون اپيلون رد ڪري چڪيون آهن.وڪيل چيو ته ساڳئي نوعيت جو هڪ ٻيو خام مال آهي، جنهن تي ريگيوليٽري ڊيوٽي نه لڳائي وئي آهي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ٺيڪ آهي پوءِ توهان ان ئي خام مال کي گهرايو جنهن تي ريگيوليٽري ڊيوٽي ناهي. مانيٽري پاليسي ۾ مداخلت نه ڪنداسين، سپريم ڪورٽ هڪ عدالت جي حيثيت سان ريگيوليٽري فرائض تي ڳالهه ٻولهه نه ٿي ڪري سگهي.سپريم ڪورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل خارج ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو