ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار سنجي دت ڪينسر جي تشخيص کي پنهنجي زندگي جو سڀ کان ڏکيو مرحلو قرار ڏيندي ان جو تفصيل هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو.آگسٽ 2020 ۾ جڏهن دنيا ڪورونا وائرس جي عالمي وبا جي لپيٽ ۾ هئي، سنجي دت چوٿين اسٽيج تي ڦڦڙن جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿي ويو.تازو ئي سنجي دت پنهنجي بيماري بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ مداحن سان شيئر ڪيو ته کيس هن بيماري بابت ڪيئن خبر پئي ۽ هن ان تي ڪهڙو رد عمل ظاهر ڪيو.










