ڪي اليڪٽرڪ پهرين ڏينهن کان وٺي بي لغام گهوڙو آهي: ميمڻ

ڪي اليڪٽرڪ پهرين ڏينهن کان وٺي بي لغام گهوڙو آهي: ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ پهرين ڏينهن کان اڄ ڏينهن تائين بي لگام گهوڙو آهي.صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪي اليڪٽرڪ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ميٽر ريڊنگ بدران تخميني جي بنياد تي بل موڪليا وڃن ٿا. جڏهن ماڻهو بل کڻي ويندا آهن ته چيو ويندو آهي ته بل گهٽ نه ٿو ڪري سگهجي، پر قسطون ته ڏئي سگهن ٿا. بيلنس شيٽ ڪڍي وڃي ته بجلي ڏيندڙ ادارا ڪيترو ڪمائين ٿا،شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته برسات هجي يا گرمي، ڪي اليڪٽرڪ جا فيڊرز ٽرپ ٿي وڃن ٿا،هن وڌيڪ چيو ته ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو، سيپڪو آئين جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن، آئين جي ڀڃڪڙي تي قانون ڪارروائي ۾ ايندو.شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اسيمبلي ۾ بل پاس ٿيڻ کانپوءِ ڪي اليڪٽرڪ خط لکيو ته حڪومت تي اسان جا قرض آهن، امتحاني مرڪزن کي به بجلي فراهم نه ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو