ڪويت کان ڊيزل سان ڀريل جهاز ڪراچي بندرگاهه تي پهچي ويو

ڪويت کان ڊيزل سان ڀريل جهاز ڪراچي بندرگاهه تي پهچي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪويت کان وڏي مقدار ۾ ڊيزل کڻي هڪ جهاز ڪراچي بندرگاهه تي پهچي ويو آهي. ذريعن موجب، پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن (پي اين ايس سي) جو جهاز ‘خيرپور’ ٽي ڏينهن اڳ 80 ملين ليٽر ڊيزل کڻي آبنائي هرمز مان گذريو هو. ٻڌايو ويو آهي ته سفر دوران، جهاز ‘خيرپور’ هنگام ٻيٽ پار ڪرڻ کان پوءِ لارڪ ٻيٽ ڏانهن جاري رهيو، جڏهن ته بعد ۾ ڪپتان جهاز جو رخ ڪراچي بندرگاهه ڏانهن موڙيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايران ۽ آمريڪا جي تازي ڇڪتاڻ جي باوجود، پاڪستاني جهاز کي محفوظ رستو فراهم ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو