ڪورونا سبب 72 فوت 32سئو کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

ڪورونا سبب 72 فوت 32سئو کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ملڪ ۾ڪورونا سبب وڌيڪ 72 مريض فوت ٿي چڪا آهن ۽ 32سئو کان وڌيڪ  نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.ڪورونا جي شماريات جي ويب سائيٽ  مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 39هزار742 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 3هزار270 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس  جي تضديق ٿي آهي ۽ 72 مريض وائرس سبب فوت ٿي ويا.سرڪاري رپورٽ مطابق  ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح  8.22 فيصد رهي. سرڪاري رپورٽ مطابق ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو تعداد 13هزار935  ٿي چڪو آهي ۽ ڪيسن جو ڪل 6لک33هزار741 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته فعال ڪيسن جو تعداد 34هزار535 آهي.ان کان علاوه سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن ۾ 1هزار733 مريض ڪورونا کان صحتياب ٿي چڪا آهن صحتياب ٿيندڙن جو ڪل تعداد 5لک85هزار271ٿي چڪو آهي .سرڪاري رپورٽ مطابق سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 2لک63هزار464 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته 4هزار479 ماڻهو هن وقت تائين فوت ٿي چڪا آهن.پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 2لک00969 ٿي چڪو آهي ۽ 6هزار039 ماڻهون وائرس سبب فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 19هزار347 آهي ۽ فوتين جو تعداد 203 آهي. خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 80هزار519 آهي ۽ 2هزار225  مريض فوت ٿي ويا آهن ، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ ڪيسن جو ڪل تعداد 11هزار792 ٿي چڪو آهي ۽ 338 فوت ٿي ويا آهن.گلگت بلتستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا مريضن جو تعداد 4هزار974  آهي ۽ 103 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 52هزار676 آهي ۽ هن وقت تائين 548 مريض فوت ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو