ڪورونا ملڪ ۾ 53 وڌيڪ فوت مثبت ڪيسن جي شرح 5.3

ڪورونا ملڪ ۾ 53 وڌيڪ فوت مثبت ڪيسن جي شرح 5.3

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)ڪورونا سبب ملڪ ۾ وڌيڪ 53 مريض فوت ٿي ويا ۽ 2هزار258 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.ڪورونا جي شماريات ويب سائيٽ جي مطابق  گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سڄي ملڪ ۾ 42هزار164 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا  جن مان 2هزار258  ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي ۽ 53 ڪورونا جا مريض فوت ٿي ويا آهن.سرڪاري رپورٽ مطابق  ملڪ ۾ ڪورونا سبب  فوتين جو تعداد 13هزار377 ٿي چڪو آهي ۽ ڪيسن جو ڪل تعداد 5لک97هزار497 تائين پهچي چڪو آهي جڏهن ته فعال ڪيسن جو تعداد 17هزار627 آهي.ملڪ ۾ هاڪاري ڪيسن جي شرح 5.3 سيڪڙو آهي ان کان علاوه گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا کان صحتياب ٿيندڙ ريضن جو تعداد  1هزار 276 آهي  صحتياب ٿيندرن جو ڪل تعداد 5لک66هزار492 ٿي ويو آهي سرڪاري رپورٽ مطابق  سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 2لک60هزار406 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته 4هزار448 ماڻهو هينئر تائين فوت ٿي چڪا آهن.پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک80هزار944 آهي ۽ 5هزار662 ماڻهو وائرس سبب مري ويا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 19هزار157 آهي ۽ فوتين جوتعداد 202 آهي.خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 74هزار 722 آهي ۽ 2هزار129 فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 10هزار730 ماڻهو وائرس کان متاثر ٿيا آهن ۽ 316 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.ان کان علاوه ، گلگت بلتستان ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد هينئر تائين 4هزار959  آهي ۽ 104 ماڻهو ن فوت ٿي  ويا آهن.اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 46هزار579 آهي ۽ هن وقت تائين 516 مريض فوت ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو