ڪورونا سبب وڌيڪ 29 فوت 22سئو کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

ڪورونا سبب وڌيڪ 29 فوت 22سئو کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)ڪورونا سبب ملڪ ۾ وڌيڪ  29 مريض فوت ٿي چڪا آهن ۽ 2هزار200 کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.ڪورونا جي شماريات ويب سائيٽ جي مطابق  گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ 44هزار061 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا  جن مان 2هزار253 ماڻهن ۾  ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي جڏهن ته 29 مريض فوت ٿي ويا آهن .سرڪاري رپورٽ موجب  گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت واقعن جي شرح 5.1 رهي. ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو تعداد 13هزار537 ٿي ويو آهي ۽ ڪيسن جو ڪل تعداد 6لک74 هزار053 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته فعال ڪيسن جو تعداد 22هزار038 آهي.ان کان علاوه  سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن ۾ 1هزار307 مريض صحتياب ٿي ويا آهن صحتياب ٿيندڙن جو ڪل تعداد 5لک71هزار878 ٿي چڪو آهي .سرڪاري رپورٽ مطابق  سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 2لک61هزار411 تائين پهچي ويو آهي  جڏهن ته هينئر تائين 4هزار458 مريض فوت ٿي چڪا آهن.پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک86هزار659 آهي ۽ وائرس سبب 5هزار769 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 19هزار220 آهي ۽ فوتين جو تعداد 202 آهي.خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 76هزار 104 آهي ۽ 2هزار159 مريض فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 11هزار017 ماڻهو وائرس کان متاثر ٿيا آهن ۽ 320 مريض فوت ٿي چڪا آهن.گلگت بلتستان ۾ ڪورونا مريضن جو تعداد هينئر تائين 4هزار961آهي  ۽ 103 مريض فوت ٿي چڪا آهن.اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 48هزار081 آهي ۽ هن وقت تائين 526 مريض فوت ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو