ڪورونا سبب ملڪ ۾ وڌيڪ 43 مريض فوت

ڪورونا سبب ملڪ ۾ وڌيڪ 43 مريض فوت

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو)ڪورونا سبب ملڪ ۾ وڌيڪ43 مريض فوت ٿي ويا آهن ۽ 1هزار700 کان وڌيڪ  نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.ڪورونا جي شماريات جي ويب سائيٽ مطابق  پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 39هزار425 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 1هزار786  ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي ۽ 43 ڪورونا جا مريص فوت ٿي ويا آهن .سرڪاري رپورٽ مطابق ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتن جو تعداد 13هزار324 ٿي ويو آهي ۽ ڪيسن جو ڪل تعداد 5لک95هزار239 تائين پهچي ويو آهي  جڏهن ته فعال ڪيسن جو تعداد 16هزار699 آهي.ان کان علاوه  گذريل 24 ڪلاڪن دوران  سڄي ملڪ ۾ 1هزار393 مريض ڪورونا کان صحتياب ٿيا آهن صحتياب ٿيندڙن جو ڪل تعداد 5لک65هزار216 ٿي چڪو آهي سرڪاري رپورٽ مطابق سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 2لک60هزار150 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته هينئر تائين 4هزار 442 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک79هزار654 آهي ۽ 5هزار629 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 19هزار141  آهي ۽ فوتين جو تعداد 202 ٿي ويو آهي.خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 74هزار433  آهي ۽ 2هزار122 فوت  ٿي چڪا آهي جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 10هزار673 ماڻهو وائرس کان  متاثر ٿيا آهن  ۽ 314ڪورونا جا مريض فوت ٿي چڪا آهن.ان کان علاوه گلگت بلتستان ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 4هزار959  آهي ۽ 103 ماڻهون فوت ٿي چڪا آهن. اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 46هزار229 آهي ۽ 512 مريض فوت ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو