اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ڪورونا جي پکيڙ سبب قومي اسيمبلي جون سموريون سرگرميون جزوي طور تي معطل ڪيون ويون آهن. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي انتظاميه طرفان هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب ڪورونا جي امڪاني پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جون آفيسون 2 ڏينهن جي لاءِ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته قومي اسيمبلي جي قائمه، پبلڪ اڪائونٽس ۽ خصوصي ڪميٽين جا سمورا اجلاس ملتوي ڪيا ويا آهن. جڏهن ته قومي اسيمبلي جون آفيسون 16 مارچ تائين بند رهنديون نوٽيفڪيشن موجب سي ڊي اي کي جراثيم مار دوائن کي ڊس انفيڪٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ عملي کي به ڪورونا وائرس جي نشانين جي صورت ۾ فوري طور تي ٽيسٽ ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته 17 مارچ کان لاڳاپيل آفيسر ضروري اسٽاف کي آفيس گهرائي سگهندا ۽ 17 مارچ کان آفيس جو وقت 10 کان شام 4 وڳي تائين هوندو. جڏهن ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ داخلا جي لاءِ ماسڪ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا جي نئين لهر کان پوءِ ڪيسز ۽ فوتگين ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي جنهن سبب ڪيترن ئي شهرن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو پيو وڃي ۽ ڪاروباري سرگرميون به محدود ڪيون ويون آهن.










