ڪوئيٽا: کنڊ جي قيمت ۾ 5 رپيا في ڪلو واڌ

ڪوئيٽا: کنڊ جي قيمت ۾ 5 رپيا في ڪلو واڌ

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)ڪوئيٽا ۾ کنڊ جي قيمت ۾ واڌ ٿي آهي، في ڪلوگرام 5 رپيا واڌ کانپوءِ اها 185 رپين تائين پهچي وئي آهي.مارڪيٽ ذريعن موجب، شهر ۾ في ڪلوگرام کنڊ جي قيمت ۾ 5 رپين جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، في ڪلوگرام کنڊ جي قيمت 180 رپين کان وڌي 185 رپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته شهر جي ڪجهه علائقن ۾ کنڊ 190 رپين في ڪلوگرام ۾ به وڪرو ٿي رهي آهي.ان کان علاوه، ملڪ ۾ کنڊ جي قيمتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.ملڪ ۾ کنڊ جي سراسري قيمت ۾ 2.32 رپيا في ڪلوگرام واڌ ٿي آهي، جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ کنڊ جي سراسري قيمت 184.92 رپيا في ڪلوگرام ٿي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو