مٺي(ن سنڌيار)ٿرپارڪر ۾ مقامي ڪوئلي مان 330 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ واري منصوبي جو افتتاح ٿي ويو. پيپلز پارٽي جي ميمبر قومي اسيمبلي مهيش ملاڻي ٿرپارڪر ۾ 330 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ واري منصوبي جو افتتاح ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پنهنجي پيغام ۾ چيو ته مقامي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ سان درآمدي ٻارڻ تي انحصار گهٽجي ويندو، هن منصوبي جي افتتاح بعد ٿرڪول مان بجلي جي ڪل پيداوار 3 هزار ميگا واٽ تائين وڌي وئي آهي. مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته ٿر جي ڪوئلي جي استعمال سان پاڪستان ۾ توانائي جو انقلاب اچي رهيو آهي، ٿر جي ذخيرن مان 200 سالن تائين هڪ لک ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته ڪورونا سبب منصوبي ۾ دير ٿي، ٿرڪول سان حڪومت کي تيل جي درآمد تي 6 ارب ڊالر جي سالياني بچت ٿيندي. پروگرام موجب وڏي وزير کي افتتاح ڪرڻو هو پر موسم جي خرابي سبب سندس جهاز روانو نه ٿي سگهيو.










