ڪنڌڪوٽ (ن س )ڪنڌڪوٽ ۾ ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا.پوليس موجب ڪنڌڪوٽ ۾ ددڙ چيڪ پوسٽ تي ڌاڙيلن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد ۽ 2 زخمي ٿي پيا.پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار فائرنگ ڪندي ڪچي طرف فرار ٿي ويا، جن جي ڳولا جاري آهي.پوليس موجب ڌاڙيلن جي فائرنگ کان پوءِ علائقي کي ڪڙو چاڙهي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي ۽ سرچ آپريشن جاري آهي، جڏهن ته علائقي ۾ اهلڪارن جو انگ پڻ وڌايو ويو آهي.سنڌ جي وڏي وزير حملي جي مذمت ڪندي آءِ جي کي واقعي جي تفصيلي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.










