نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪنهن به سياسي جماعت کي سياسي ڪارروائي کان روڪيو پيو وڃي، 9 مئي جي واقعي ۾ ملوث عنصرن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. نيويارڪ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته ڪوشش آهي ته چونڊن کان اڳ ملڪ ۾ ڪجهه نجڪاري ڪئي وڃي، پرڏيهي سيڙپڪاري آئي آهي ته جيئن نئين حڪومت لاءِ آساني ٿيندي. ان جي منشور کي اڳتي وڌايو.هن چيو چيو ته آءِ ايم ايف پاران غير قانوني ڪرنسي جي واپار خلاف ڪريڪ ڊائون کي ساراهيو آهي، ڪارروائي جاري رهندي.نگران وزيراعظم چيو ته شگر مافيا ۽ ڪڻڪ مافيا خلاف ڪارروائي ڪري قيمتن ۾ مصنوعي واڌارو روڪيو ويو آهي، ڊالر جي قيمت ۾ به گهٽتائي اچڻ شروع ٿي وئي آهي.انوار الحق ڪاڪڙ وڌيڪ چيو ته چونڊن جي تاريخ جو اعلان جلد ڪيو ويندو، ڪنهن به سياسي جماعت کي سياسي ڪارروائي کان نه روڪيو پيو وڃي پر 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث عنصرن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. هرديپ سنگهه ڪيس تي نگران وزيراعظم چيو ته ڪئناڊا ۾ سک اڳواڻ کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، ڪينيڊا ۾ ڀارتي ڪاررواين تي مغربي دنيا حيران ٿي وئي، هاڻ ڀارت جي رياست تي سنگين سوال اٿاريا پيا وڃن.










