ڪنهن سان اختلاف ناهن، شهباز جلد عهدي تي بحال ٿي ويندو: خالد لنڊ

ڪنهن سان اختلاف ناهن، شهباز جلد عهدي تي بحال ٿي ويندو: خالد لنڊ

گهوٽڪي (ن س )گهوٽڪي جي عدالت شهيد نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس ۾ نامزد ايم اين اي خالد لنڊ ۽ سندس ٻن پٽن جي عبوري ضمانت ۾ پهرين آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي خالد لنڊ پنهنجي ٻن پٽن شهباز ۽ نور محمد سان گڏ گهوٽڪي جي عدالت پهتو، پيپلزپارٽي جو ايم پي اي نادر اڪمل لغاري به ساڻن گڏ موجود هو پي ٽي آءِ اڳواڻ افتخار لنڊ به خالد لنڊ سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ عدالت پهتو، خالد لنڊ عبوري ضمانت جو مدو پورو ٿيڻ تي ان کان اڳ ميرپور ماٿيلو جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پهتو اي ٽي سي جو جج موڪل تي هئڻ سبب ايم اين اي خالد لنڊ بعد ۾ پٽن سوڌو گهوٽڪي جي عدالت پهتو، عدالت ٽنهي جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ 20 ڏينهن تائين واڌ ڪري ڇڏي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته معاملي کي سياسي بڻايو ويو آهي، مان غريب ورڪر آهيان، شهباز جي بحالي بابت سوال تي هن چيو ته ڪا به ڳالهه ناهي هو جلد انشاءَ الله بحال ٿي ويندو، ڪنهن سان به اختلاف ناهي، ڪورٽ پهتا آهيون صحافي جي سوال تي هن چيو ته فريال بيبي ادي آهي اسان جي، وڏي آهي اسان جي، ڪنهن سان به ڪي اختلاف ناهن، نادر اڪمل لغاري منهنجو ڀاءُ آهي، ان سان ڪو به مسئلو ناهي، مون سان گڏيو آيو آهي همدردي ۾، اوهان جو مون سان بيٺا آهيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو