ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪم ۾ مصروف آهيان، ميڊيا تي اچڻ جو شوق ناهي.سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي مراد علي شاهه چيو ته جيڪڏهن ميڊيا جي خبرن ۾ ڦاسجي ويس ته ڪم ڪيئن ڪندس.هن چيو ته جنهن ماڻهن جي آڏو جوابدهه آهيان اها عوام ۽ اسيمبلي آهي.مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سکر بئراج ۾ 4407 ٽن مٽي اڇلائي وئي آهي، بئراج جو گيٽ 72 ڪلاڪن ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته آبپاشي وزير اڄ اسلام آباد روانو ٿيندو جتي هو ايڪنڪ اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، اجلاس کانپوءِ ڄام خان شورو ٻيهر سکر پهچندو.هن وڌيڪ چيو ته روهڙي ڪئنال سميت ٻين واهن ۾ پاڻي جي فراهمي شروع ڪري ڇڏي آهي، برساتن سبب امڪاني ٻوڏ کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.










