ڪرڪ (ويب ڊيسڪ)ڪرڪ جي مير ڪالام بانڊا علائقي ۾ پوليس ۽ دهشتگردن جي وچ ۾ فائرنگ جي تبادلي ۾ هڪ گهربل دهشتگرد مارجي ويو.سي ٽي ڊي پوليس جي ترجمان موجب، پوليس تحصيل باندا دائود شاهه جي مير ڪالام بانڊا علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي.هن موقعي تي ٻنهي پاسن کان سخت فائرنگ جاري رهي، فائرنگ جي تبادلي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد سوئي ناردرن گئس پائپ لائن سهولتن تي حملي سميت ڪيترن ئي ٻين دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هو.










