ڪراچي،5 پوليس مقابلا، ڦورو مارجي ويو، 11 زخمي، 13 گرفتار

ڪراچي،5 پوليس مقابلا، ڦورو مارجي ويو، 11 زخمي، 13 گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شهر جي مختلف علائقن ۾ هڪ ڪلاڪ اندر پنج مبينا پوليس مقابلا ٿيا پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته مقابلن دوران هڪ ڌاڙيل مارجي ويو، يارهن زخمين سميت 13 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. اهي مقابلا عزيز آباد، سرجاني ٽائون، مومن آباد، ڪلفٽن، بوٽ بيسن ۽ لياقت آباد سنڌي هوٽل جي ويجهو ٿيا.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته شڪي ماڻهن کان هٿيار، موبائل فون، نقد رقم ۽ موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون آهن. مارجي ويل شڪي جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي. گرفتار شڪي ماڻهن ۾ سيف الله، بلال، ولي الله، طحه، نائيڪ، قاسم، زوار ۽ سعيد، سلمان، عمر، عباس، رحمت، سلمان شامل آهن.پوليس اختيارين جو وڌيڪ چوڻ هو ته گرفتار شڪي ماڻهو اسٽريٽ ڪرائم جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث آهن. گرفتار شڪي ماڻهن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو