ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي اولهه ضلعي ۾ 4 ڏينهن ۾ منشيات ۽ گٽڪي جي اسمگلنگ ۾ ملوث 72 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو.ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن کان مختلف قسم جون منشيات، گٽڪو، 25 ڪلو چالا ۽ لکين رپيا هٿ ڪيا ويا آهن.پوليس چيو آهي ته اولهه ضلعي ۾ گهرن ۾ ٺهيل 2 گٽڪا فيڪٽريون پڻ مڪمل طور تي ختم ڪيون ويون آهن.










