ڪراچي، لفٽ ۾ دٻجڻ سبب هڪ شخص فوت

ڪراچي، لفٽ ۾ دٻجڻ سبب هڪ شخص فوت

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پي اي سي ايڇ ايس بلاڪ 2 ۾ هڪ فليٽ ۾ لفٽ ۾ دٻجي هڪ شخص فوت ٿي ويو.ريسڪيو ذريعن موجب، لفٽ هڪ 3 منزله عمارت ۾ نصب هئي جنهن ۾ اهو واقعو پيش آيو. واقعي جي اطلاع ملڻ کان پوءِ ريسڪيو اهلڪار حادثي واري هنڌ پهچي ويا.ريسڪيو ذريعن وڌيڪ چيو ته فوت ٿيل شخص جي سڃاڻپ 78 سالن جي محمد اشفاق جي نالي سان ٿي آهي. فوت ٿيل شخص جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو