حڪومت پاران 15 جنوري تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ چونڊون ملتوي

حڪومت پاران 15 جنوري تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ چونڊون ملتوي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاران تڪ بندين تي تحفظات کانپوءِ سنڌ حڪومت اوچتو هڪ غير معمولي فيصلو ڪيو آهي ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ دادو ۾ 15 آگسٽ تي مڪاني چونڊون نه ڪرايون وڃن. بلاول ڀٽو جي صدارت هيٺ مڪاني ادارن جي چونڊن بابت سنڌ جي وڏي وزير ۽ ڪجهه ٻين وزيرن جي مشاورتي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي جي تڪ بندين بابت نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا، اجلاس ۾ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ۽ مڪاني چونڊن بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ دادو ۾ 15 جنوري تي ٿيندڙ بلدياتي چونڊون ملتوي ڪيون پيون وڃن، پر سنڌ جي ٻين سمورن ضلعن ۾ چونڊون معمول موجب ٿينديون. شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت دادو ۾ ٻوڏ جي پاڻي سبب چونڊون ملتوي ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو آهي. هن چيو ته روڊن تي ڪنهن جو اچڻ قبول ناهي، پ پ هميشه سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو