ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن شهر ۾ صفائي سٿرائي جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ سخت ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.بلديه عظميٰ ڪراچي عوامي هنڌن تي ڪچرو اڇلائڻ تي ريسٽورنٽ ۽ ڪاروبار کي سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ تحت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته صفائي سٿرائي جي ضابطن جي ڀڃڪڙي تي پنجاهه هزار رپيا ڏنڊ يا ٽي سال قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي.هن ميونسپل انسپيڪٽرن کي هدايت ڪئي ته قانون موجب فوري ڪارروائي ڪئي وڃي، بلديه عظميٰ ڪراچي شهر ۾ صفائي سٿرائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سخت قدم کنيا آهن.عوامي هنڌن تي ڪچرو وجهڻ تي ٽيپو برگر اينڊ برسٽ سميت ٽن هوٽلن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن ٽن ڏينهن اندر مسئلو حل نه ٿيو ته سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته روڊن ۽ فوٽ پاٿن تي ڪچرو اڇلائڻ وارن کي پنجاهه هزار رپيا ڏنڊ يا ٽي سال قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي.بلديه عظميٰ ڪراچي شهر کي صاف سٿرو ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ ان حوالي سان خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.










