ڪراچي ۾ ڪسٽم جو ڇاپو، اسمگل ٿيل ڪپڙا ۽ ٻيو سامان هٿ

ڪراچي ۾ ڪسٽم جو ڇاپو، اسمگل ٿيل ڪپڙا ۽ ٻيو سامان هٿ

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)ڪسٽم اختيارين ڪراچي ۾ طارق روڊ تي دڪانن تي ڇاپا هنيا ۽ اسمگل ٿيل ڪپڙو ۽ ٻيون شيون ضبط ڪيون.ڪسٽم جي ڇاپي دوران دڪاندارن سخت احتجاج ڪيو ۽ هڪ مني ٽرڪ کي باهه ڏئي ڇڏي.پوليس مظاهرين تي لاٺي چارج ڪيو ۽ هوائي فائرنگ ڪئي، جنهن سان مظاهرين ڇڙوڇڙ ٿي ويا.ياد رهي ته ڪسٽم اختيارين اڳ ۾ وڏين ڪارروائين دوران طارق روڊ تي هڪ شاپنگ مال مان لکين رپين جو غير قانوني ڪپڙو ضبط ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو