ڪراچي ۾  پوليس مقابلن دوران 7 ڦورو گرفتار

ڪراچي ۾ پوليس مقابلن دوران 7 ڦورو گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي سرجاني ٽائون، مومن آباد ۽ يونيورسٽي روڊ تي مبينا پوليس مقابلن ۾ 7 ڦورو گرفتار ڪيا ويا.پوليس موجب سرجاني ٽائون ۾ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ 3 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا، جن وٽان هٿيار، موٽرسائيڪل ۽ چوري جو سامان هٿ ڪيو ويو.ٻئي طرف مومن آباد ۾ مقابلي بعد 2 ڌاڙيلن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، جن وٽان هٿيار، موبائل فون، نقدي ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي.ٻئي طرف يونيورسٽي روڊ تي مقابلي دوران 2 ڦورو زخمين سميت گرفتار ڪيا ويا، جن وٽان هٿيار، موبائل فون، نقدي ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي.ان کان علاوه نيٽي جيٽي پل تي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو