ڪراچي ۾ ٽريفڪ حادثا، ڇوڪري سميت 2 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

ڪراچي ۾ ٽريفڪ حادثا، ڇوڪري سميت 2 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ٽرئفڪ حادثن جو سلسلو نه رڪجي سگهيو، مختلف حادثن ۾ هڪ ڇوڪري سميت ٻه ماڻهو فوت ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.شارع فيصل ناٿا خان پل جي ويجهو سروس روڊ تي ٻن موٽرسائيڪلن جي ٽڪر ۾ هڪ شخص فوت ۽ ٻه زخمي ٿي پيا. بلديا يوسف گوٹھ ۾ هڪ وين ۽ بس ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ماڻهو زخمي ٿي پيا.ڪورنگي بلال چورنگي ويجهو هڪ پاڻي جي ٽينڪر موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو. حادثي ۾ گلشن اقبال عزيز ڀٽي پارڪ جي رهواسي 20 سالن جي صائمه فوت ٿي وئي جڏهن ته سندس پيءُ ۽ ڀيڻ معمولي زخمي ٿي پيا. واقعي وقت مقتول جو پيءُ پنهنجي ٻن ڌيئرن سان ڪورنگي ۾ پنهنجي پٽ جي گهر وڃي رهيو هو.شاهراهه فيصل ناٿا خان پل جي ويجهو سروس روڊ تي ٻه موٽرسائيڪلون ٽڪر ٿي ويون، جنهن ۾ 40 سالن جو اقبال ۽ ٻه نوجوان زخمي ٿي پيا. ٻئي واقعي ۾ بلديا يوسف گوٺ بس ٽرمينل جي ويجهو حب ريور روڊ تي هڪ سوزوڪي ۽ بس ۾ ٽڪر ٿي پيو. ريسڪيو ذريعن موجب حادثي ۾ ٻه ماڻهو زخمي ٿيا آهن جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته هن سال شهر قائد ۾ ٽريفڪ حادثن سبب فوت ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 262 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته 88 ڏينهن ۾ ٽريفڪ سبب ٿيندڙ حادثن ۾ 91 ماڻهو حياتي وڃائي ويٺا.

پهنجو تبصرو موڪليو