ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) اسٽيل ٽائون جي حد ۾ گلشن حديد فيز 2 جي ويجهو هڪ تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي.پوليس موجب، لاش کي قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، پر اڃا تائين لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کان پوءِ وڌيڪ جاچ شروع ڪئي ويندي ۽ معاملي جي تري تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.










