ڪراچي: پراڻي گوليمار ۾ فائرنگ، هڪ شخص مارجي ويو

ڪراچي: پراڻي گوليمار ۾ فائرنگ، هڪ شخص مارجي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي پراڻي گوليمار علائقي ۾ پاڪ ڪالوني ۾ فائرنگ ۾ هڪ شخص مارجي ويو. مقتول جي سڃاڻپ 22 سالن جي مزمل جي نالي سان ٿي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول کي گينگ وار گروپ پاران نشانو بڻايو ويو هو.پوليس موجب، پاڪ ڪالوني ۾ فائرنگ ۾ مزمل نالي هڪ نوجوان مارجي ويو. مقتول کي موٽرسائيڪل سوار ٽن شڪي ماڻهن گوليون هڻي قتل ڪيو. واقعي واري هنڌ تان 5 گوليون جا خول مليا آهن.پوليس موجب، پاڪ ڪالوني جو گينگ وار ڪاشف دادا گروپ مقتول جي قتل ۾ ملوث آهي. هن ئي گروپ 6 مهينا اڳ مزمل کي اغوا ڪيو هو ۽ پوءِ کيس تشدد جو نشانو بڻائي آزاد ڪيو هو.گينگ وار ڪاشف دادا گروپ متاثر تي الزام لڳايو هو ته هو پنهنجي مخالفن لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ مخالف گروپ کي انهن بابت خبرون پهچائي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو