ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪيميڪل مليل کير وڪڻڻ تي ڪراچي ۾ وڌيڪ ست دڪان سيل ڪيا ويا، جنهن سان سيل ڪيل دڪانن جو ڪُل تعداد 27 ٿي ويو، ڪراچي ڪمشنر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملاوٽ واري کير خلاف مهم جاري آهي. غير محفوظ کير وڪڻڻ تي اڱاري ڏينهن وڌيڪ ست کير جون دڪانون سيل ڪيون ويون. ڏکڻ ضلعي ۾ ٽي، اوڀر ضلعي ۾ ٽي ۽ ملير ۾ هڪ دڪان سيل ڪيو ويو.ڪراچي ڪمشنر جي ترجمان چيو ته ٻن ڏينهن ۾ ڪل 27 کير جون دڪانون سيل ڪيون ويون.ڪراچي ڪمشنر حسن نقوي جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڊي جي فوڊ اٿارٽي ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته کير جي معيار ۽ ملاوٽ جي جانچ خلاف مهم جاري رهندي.ڪراچي ڪمشنر چيو ته سيل ڪيل کير جون دڪانون ڳري جرماني کانسواءِ ڊي سيل نه ڪيون وينديون. دڪانن کي غير ملاوٽ واري کير وڪڻڻ جي تحريري ضمانت پڻ ڏيڻي پوندي.










