ڪراچي: ناظم آباد ۾ اسڪول وين کي باهه، 6 ٻار زخمي

ڪراچي: ناظم آباد ۾ اسڪول وين کي باهه، 6 ٻار زخمي

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) ناظم آباد ۾ اسڪول وين ۾ باهه لڳڻ سبب ڇهه ٻار زخمي ٿي پيا.ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي ناظم آباد علائقي ۾ هڪ اسڪول وين ۾ گرمي ٿيڻ سبب باهه لڳي وئي، جنهن ۾ ڇهه ٻار زخمي ٿي پيا.ريسڪيو اختيارين موجب، واقعو صبح جو 7:30 وڳي پيش آيو، جنهن کان پوءِ زخمي ٻارن کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو.ان حوالي سان پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻارن جي زخمين بابت پوليس کي اطلاع نه ڏنو ويو ۽ مقامي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ سان باهه تي ضابطو آندو.

پهنجو تبصرو موڪليو