ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ملير کوکراپار ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جي واقعي ۾ ٻه ماڻهو زخمي ٿي پيا.پوليس موجب، ٻنهي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فائرنگ ڪندڙ جوابدار کي ڪاوڙيل ماڻهن هٿيار سميت پڪڙي ورتو.پوليس جو چوڻ آهي ته ڪاوڙيل ماڻهن فائرنگ ڪندڙ شخص تي تشدد ڪيو، جنهن کان پوءِ پوليس موقعي تي پهچي جوابدار کي پوليس اسٽيشن منتقل ڪيو.پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ جا سبب فوري طور تي معلوم نه ٿي سگهيا آهن، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.










