ڪراچي بندرگاهه تي پراڻن ڪنٽينرن کي نيڪالي ڏيڻ جو حڪم

ڪراچي بندرگاهه تي پراڻن ڪنٽينرن کي نيڪالي ڏيڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پورٽ تي پراڻا ڪنٽينر هٽائڻ لاءِ 30 ڏينهن ڏنا ويا آهن.ڪراچي پورٽ تي پراڻا ڪنٽينر هٽائڻ لاءِ وفاقي وزير بحري معاملن جنيد انور چوڌري جي صدارت ۾ هڪ اهم اجلاس ٿيو.اجلاس ۾ بحري معاملن واري وزير پراڻا ۽ غير استعمال ٿيل ڪنٽينر هٽائڻ لاءِ 30 ڏينهن جي آخري تاريخ ڏني.هن چيو ته علائقائي صورتحال کي نظر ۾ رکندي بندرگاهن تي ٽرانس شپمينٽ ڪارگو ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، جنهن جي ڪري رش وڌي رهيو آهي.بحري معاملن واري وزير بندرگاهن تي دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي جو مطالبو ڪندي فوري طور تي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ ٽرمينل آپريٽرز کان منتقلي جا منصوبا شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي.هن هدايت ڪئي ته آف ڊاک ٽرمينلز تي ڪارگو جي منتقلي لاءِ هڪ واضح ڪمرشل ميڪنزم قائم ڪيو وڃي، جڏهن ته آف ڊاک سهولتن ۽ ٽرانس شپمينٽ ڪارگو جو مڪمل رڪارڊ پڻ رکيو وڃي.اجلاس ۾ اهو به هدايت ڪئي وئي ته اضافي سامان، ڪاٺ جي پيلٽس ۽ غير استعمال ٿيل سامان کي جلد کان جلد هٽايو وڃي.بحري معاملن جي وزير جو چوڻ آهي ته انهن قدمن سان بندرگاهن تي رش گهٽجي ويندو، واپار کي آسان بڻايو ويندو ۽ ملڪ جي رسد واري نظام کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو