ڪوفر ڊيم جو ڪم مڪمل ، 24 ڪلاڪن اندر ڪسان گيٽ لڳائڻ جو فيصلو

ڪوفر ڊيم جو ڪم مڪمل ، 24 ڪلاڪن اندر ڪسان گيٽ لڳائڻ جو فيصلو

سکر: (رپورٽر) سکر بئراج جي 47 گيٽ جي لڳائڻ وارو معاملو ڪافر بند مڪمل ٿي ويو، ڪسان گيٽ کي 47 هين گيٽ ۾ لڳائڻ جون تياريون مڪمل، 24 ڪلاڪن ۾ ڪسان گيٽ لڳي ويندو.ان سلسلي ۾ سکر بئراج جي 47 هين نمبر گيٽ جي ڊيمج ٿيڻ واري مامري کان پوءِ صوبائي وزير آبپاشي سميت سنڌ جي وڏي وزير جنهن بعد دروازي جي بحالي لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم شروع ڪيو ويو، سيڪريٽري آبپاشي ظريف کهيڙو سکر پهچي گيٽ جي بحالي واري ڪم جي مانيٽرنگ ڪندو رهيو ۽ هدايتون ڏيندو رهيو.ان ڏس ۾ صوبائي وزير پڻ سکر بئراج جي هلندڙ گيٽن واري ڪم بابت ميڊيا کي پڻ بريفنگ ڏيندو رهيو آھي جڏهن ته خميس ڏهاڙي پڻ صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو ۽ سيڪريٽري ظريف کهيڙو ڪسان گيٽ کي 47 هين نمبر گيٽ جي عارضي متبادل گيٽ طور لڳائڻ وارن انتظامن جي مڪمل ڪرڻ جو جائزو وٺندا رهيا.ان ڏس ۾ انچارج ڪنٽرول روم سکر بئراج عبدالعزيز سومرو سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته 24 ڪلاڪن اندر ڪسان گيٽ لڳايو ويندو جيسي تائين ڪسان گيٽ نه لڳندو صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري آبپاشي سکر بئراج تي موجود رهندا ڪسان گيٽ لڳائڻ لاءِ پاڻي جي پانڊ ليول ڌائڻ لاء بئراج جا گيٽ هيٺ لاٿا ويا آھن جيئن ئي پاڻي سطح ۾ اضافو ٿيندو ته ڪسان گيٽ کي آڻي لڳايو ويندو، جڏهن ته آبادگارن کي خريف جي فصلن جي پوکائي لاءِ پڻ سکر بئراج جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان نڪرندڙ ڪئنالن ۾ پاڻي ڇڏيو ويو آھي پاڻي جي سطح وڌڻ سبب ڪئنالن جي پاڻي فراهم ۾ واڌ ايندي.

پهنجو تبصرو موڪليو