ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪار ۾ باهه لڳڻ سبب 9 ماڻهو سڙي ويا، جن ۾ ڇوڪريون، عورتون ۽ مرد شامل آهن.ريسڪيو ذريعن موجب، سڙيل متاثرين ۾ ٽي ڇوڪريون، چار عورتون ۽ ٻه مرد شامل آهن. سڙيل سڀني متاثرين کي سول اسپتال جي برنس وارڊ منتقل ڪيو ويو. ڪار ۾ هڪ خاندان سفر ڪري رهيو هو ته ڪار ۾ اوچتو باهه لڳي وئي. متاثر ماڻهو شادي جي تقريب مان گهر واپس اچي رهيا هئا.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته سڙيل متاثرين خداداد ڪالوني جا رهواسي آهن. شروعاتي طور تي اهو واقعو شارٽ سرڪٽ سبب پيش آيو آهي. زخمين کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو.










