ٽڪ ٽاڪر سيما خاصخيلي ۽ نوجوان ظفر حاجاڻو جا لاش هٿ

ٽڪ ٽاڪر سيما خاصخيلي ۽ نوجوان ظفر حاجاڻو جا لاش هٿ

خيرپور(ن س) انٽر نيشنل کجور منڊي لڳ ڪوثر ايراني اسپتال وٽ هڪ ڪار مان مرد عورت جا لاش هٿ لاش ٽي ڏينهن پراڻا آهن جزا ورتا ويا آهن فوتين جي جسم کي هٿ لڳائڻ سان جسم ڦاٽي ٿو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر ٻنهي فوتين جي سڃاڻپ ٿي وئي تفصيل موجب بي سيڪشن ٿاڻي جي حد انٽر نيشنل کجور منڊي لڳ ڪوثر ايراني اسپتال ڀرسان ڪار نمبر ايل 9520 بدبوء اچي رهي هئي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن پوليس پهچي ڪار جي دري کولي ڏٺو ته ان جي اڳئين سيٽن تي مرد عورت جا مئل لاش هٿ آيا جنهن ۾ عورت جي سڃاڻپ خيرپور جي غريب آباد محلي جي مشهور ٽڪ ٽاڪر سيما ولد قربان خاصخيلي ۽ مرد جي سڃاڻپ ظفر عباس ولد مختيار حاجاڻو طور ٿي آهي ٻڌايو وڃي ٿو ظفر حاجاڻو ڳوٺ رند حاجاڻو تعلقع ڪوٽڏجي جو ٻڌايو ٿو وڃي جڏهن ظفر حاجاڻو جي وارثن سان رابطو ڪيو ته انهن ٻڌايو ته ظفر ڪجهه ڏينهن اڳ گهران نڪتو ته واپس نه موٽيو گذريل ٽن ڏينهن کان رابطو نه ٿي سگهيو هو اڄ پوليس معرفت خبر پئي ته ظفر حاجاڻو جو فوت ٿيل لاش ڪار مان مليو آهي ٻئي طرف ٽڪ ٽاڪ ذريعي مشهوري ماڻيندڙ سيما ولد قربان خاصخيلي غريب آباد محلي جي رهائشي هئي سندس والد پوليس عملدار آهي 20 سال اڳ ناروڍورو ڳوٺ مان لڏي خيرپور ۾ رهائش اختيار ڪئي ٽڪ ٽاڪ ذريعي ٿوري وقت وڏي مقبوليت ماڻي ورتي هئي مرحوم جي والد ۽ امڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڌيءَ ياسين انڍڙ سان شادي ٿيل هئي جيڪو منهنجي نياڻي تي بنا سبب جي تشدد ڪندو هو جنهن ڪري منهنجي ڌيءَ ياسين انڍڙ کان ڪورٽ ۾ طلاق ورتي ھئي ۽ ظفر حاجاڻو سان گذريل ٽن سالن کان پيار ڪندي ھئي ۽ ياسين انڍڙ جي خوف کان نڪاح کي ڳجهو رکيو ويو هو جڏھن شادي جي وڏي تقريب چون تياريون شروع ڪيون ته اڄ اسان کي ٻنهي جا لاش مليا آهن پوليس موجب لاش لاش بدبوء ڪري ويا هئا جن کي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال خيرپور پهچايو ويو اتي موجود پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن چيو ته ٻنهي مرد عورت ٽي ڏينھن اڳ جا مئل آهن جنهن سبب جسم جي جنھن به حصي کي هٿ لائڻ سان جسم ڦاٽي ٿو جسم جي مختلف حصن مان سمپل ورتا ويا آهن رپورٽ اچڻ بعد موت جي اصل حقيقت جي خبر پوندي ٻنهي مرد عورت جا لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيا ويا جن مان عورت مسمات سيما خاصخيلي جي تڏو غريب آباد ۾ رکيو ويو آهي جڏھن ته مرحوم ظفر حاجاڻو جي تڏو ڳوٺ رند حاجاڻو لڳ ڪوٽڏجي ۾ رکيو ويو آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو